ساجن سوائيءَ جي درگاهه جو هڪ منظر

ساجن سوائيءَ جي درگاهه جو هڪ منظر

ساجن سوائي

ساجن سوائي: نامور صوفي بزرگ ۽ ولي ساجن سوائي، اصل مٽيارين جو ويٺل هو. پاڻ سيد ساجن متعلويءَ جي نالي سان به مشهور آهي. هيءُ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ، متقي، پرهيزگار ۽ فقير صفت انسان ٿي گذريو آهي. هڪ روايت موجب پاڻ مٽياري ساداتن مان هو ۽ ٻي روايت موجب هن بزرگ جو سلسلو گجرات کان آيل بزرگ سيد محمود شاهه بخاري بن سيد حميد نظامي بخاريءَ کان شروع ٿئي ٿو.
حضرت ساجن سوائي، ارغونن جي دور حڪومت ۾ ٺٽي ۾ آيو، جتي فرخ مسجد ۽ عيدگاهه جو امام ۽ خطيب ٿي رهيو. هن هتي هڪ مدرسو به قائم ڪيو. سندس علمي قابليت جي ڪري کانئس شرعي فتوائون ورتيون وينديون هيون. ساجن سوائيءَ جي خاندان ۾ ڪيترائي ناميارا بزرگ ٿي گذريا آهن. ساجن سوائي، مخدوم سرور نوحرح جو مريد هو ۽ ان حلقي سان وابسته رهي حق جو پرچار ڪندو رهيو. ٻڍاپڻ ۾ اڍيجا ذات مان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد ابراهيم ۽ نياڻي صالحان ٿيا.
ساجن سوائيءَ سان ڪيتريون ئي ڪرامتون منسوب آهن. هن بزرگ يارهين صدي عيسويءَ ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار ماتلي، ضلعي بدين ۾ آهي، جتي هر سال 13 کان 17 ربيع الاول تائين ميلو لڳندو آهي، جتي راڳ جي محفل ۾ سڄيءَ سنڌ جا مشهور فنڪار حصو وٺندا آهن ۽ هيءَ محفل ٽي ڏينهن جاري رهندي آهي. ميلي جي موقعي تي ملاکڙو به لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا ملهه پنهنجي فن ۽ طاقت جو مظاهرو ڪندا آهن. ميلي وقت شاهي بازار لڳندي آهي، جنهن ۾ ڪپڙي، رانديڪن، عام واهپي جي شين، مٺائيءَ ۽ سينگار جي سامان جا دڪان ۽ هوٽلون قائم ڪيون وينديون آهن. هن ميلي تي چوپائي مال جي وڪري جي پڙي به لڳندي آهي. اٺن، گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ ۽ نمائش ٿيندي آهي. هي ميلو ابتدا کان وٺي خاص طور چوپائي مال جي پڙيءَ جي حوالي سان هنڌين ماڳين مشهور رهيو آهي ۽ ڏورانهن هنڌن تان چوپائي مال جا شوقين هتي اٺ، ڍڳا ۽ ٻيا جانور خريدڻ ايندا آهن.


لفظ ساجن سوائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو